اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسرائيلي فورسز جي هٿان معصوم فلسطنين جي قتل عام جو سلسلو جاري آهي، اسرائيلي فوج انسانيت جي خلاف ڏوهن جي مرتڪب ٿي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان اسرائيلي فوج پاران اتر غزه جي بيت لاهيا شهر تي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي شهادت ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل جي قدم?? کي غزه جي ماڻهن جي خلاف جنگي ڏوهه قرار ڏي ٿو. ترجمان ??هر??ن جي وڌيڪ مارجڻ کي روڪڻ جي لاءِ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڪش??يرين جي جمهوري حق?? کي مسلسل دٻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارتي عملدارن ڪجهه ڏينهن اڳ ڄمون ۽ ڪش??ير هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن تي پابندي هڻندي بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ميان قيوم کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان چيو ته ان کان اڳ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪش??يري?? کي سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ عيدگاهه ۾ عيد نماز جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي جڏهن ته ناليواري ڪش??يري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي پڻ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. هن چيو ته اهي جابراڻا قدم ڀارتي عملدارن جي آمراڻي طرز عمل جو هڪ ٻيو مثال آهن ۽ بنيادي آزادين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏريون ٿا ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪش??يري ع??ام جي انساني حقن ۽ انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جو احترام ڪن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪش??يرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.