اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) زرعي شع??ي ۾ سٺي ڪارڪردگي سبب اقتصادي اوسر واري شر?? ۾ ??ضافو ٿيو، زراعت جي شع??ي ۾ هي گذريل 19 سال دوران سڀ کان وڌيڪ ترقي آهي. مالي سال 24-2023ع دوران زراعت جي شع??ي ۾ ترقي جي اوسر واري ش??ح 6.25 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي فصلن ۾ بهتري سان زراعت جي شع??ي ۾ ترقي ٿي ۽ مالي سال 24-2023ع دوران زرعي شع??ي ۾ ترقي جي ش??ح 6.25 سيڪڙو رهي، صنعتي شع??ي ۾ به هاڪاري اوسر واري شرح رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مالي سال 24-2023ع دوران ڪپهه جي پيداوار ۾ 108 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ 10.2 ملين بيلز جي پيداوار ٿي، چانورن جي پيداوار ۾ 34.8 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 9.87 ملين ??ن جي پيداوار ٿي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پڻ 11.6 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 31.44 ملين ??ن جي پيداوار ٿي، لائيو اسٽاڪ جو زراعت جي شع??ي ۾ حصو 60.84 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته جي ڊي پي ۾ لائيو اسٽاڪ جي شرح 14.63 سيڪڙو رهي، لائيو اسٽاڪ جي شع??ي ۾ ترقي جي شرح 3.89 سيڪڙو رهي.