اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران امن ?? خوشحالي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل احترام ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل موقف جي ب??ياد تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مضبوط مڪالمن ?? تعاون جي اهميت تي زور ??نو. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين امن ?? خوشحالي جي لاءِ گهربل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل احترام جي ب??ياد تي ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي موقف جي ب??ياد تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.