اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو آهي ته ٽيڪنالا??ي جي مدد سان تعليم ۽ خواندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو، تعليمي شعبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالا??ي جي استعمال سان خرچ گهٽ ٿيندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي تعليمي معيار برقرار رکڻ سان گڏ شاگردن جي انگ ۾ اضافوڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻا?? اسڪول نه ٿا وڃن، اسڪول نه ٿي وڃي سگهندڙ ٻارن جي تعليم جي لاءِ هزارين نوان اسڪول گهربل هوندا، ٻارن جي تعليم، خواندگي وڌائڻ جي لاءِ مسجدن کي تعليمي مرڪزن طو?? استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعليمي شعبي ۾ ٽيڪنالا??ي جو استعمال وڌائڻو پوندو. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ڪ شمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ معياري تعليم ۽ خواندگي جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين ??يد طفيل حسين بخاري ۽ فائونڊيشن جو چيئرمين مظفر محمد قريشي پڻ شريڪ هئا. وفد ٻڌايو ته فائونڊيشن پنجاب ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٽي اسڪول ۽ استادن جو تربيتي ڪاليج هلائي رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد تعليم جو فروپغ، نوجوان شهرين جي ڪردار سازي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ تعليم جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.