اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا??ال ملڪ آهي، پيٽروليم ??ان??رنس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي استع??ال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پيٽروليم ??ان??رنس 2024ع ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ??ان??رنس جو خاص مهمان هو. صوبائي وڏن وزيرن، توانائي واري نگران وفاقي وزير، پيٽروليم واري سيڪريٽري، حڪومتي نمائندن، پاليسي سازن، توانائي ۽ پيٽروليم سيڪٽر جي غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ ??ان??رنس ۾ شرڪت ڪئي. ??ان??رنس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا??ال ملڪ آهي. هن سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم انفراسٽرڪچر جي ترقي، لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي ۾ ڳولا ۽ پيداوار جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. نگران وزيراعظم چيو ته هي ??ان??رنس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي استع??ال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ توانائي واري وفاقي وزارت کي قاعدن ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار کي هموار ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ کي ساراهيو. ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي ڪنٽري مئنيجر علي طحيٰ التميمي پاليسي سفارشون جوڙڻ ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.