اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي اختيارن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، هو ڪو بنيادي فيصلو نه ٿو ڪري سگهي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر ??شتاق احمد جي سوال جي جو??ب ۾ مرتضيٰ سولنگي ايوان کي ٻڌايو ته ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي مقرري نگران حڪومت ??اه?? ڪئي، ان جي مقرري اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ٿي هئي، هو اڳ ۾ به ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رهي چڪو آهي، نگران حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي اختيارن کي محدود ڪيو آهي ۽ کيس ??دايت ڪئي آهي ته هو ڪو بنيادي فيصلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان سان گڏوگڏ اليڪشن جو به حڪم ڏنو ويو آهي.