اسلام آباد – 26 – ??سمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي نئين بل??دي?? تي وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ پاڪستان جي نئين سفير خليل هاشمي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم نيون ذميواريون ملڻ تي خليل هاشمي جي لاءِ نيڪ خو??هش?? جو اظه??ر ڪيو. چين جي لاءِ مقرر ٿيندڙ نئين سفير خليل هاشمي پاڪ – ??ين لاڳاپن جي حوالي سان نگران وزيراعظم کان رهنمائي ورتي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظه??ر ڪيو ته خليل هاشمي چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندو.