ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، اليڪشن ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنداسين. اها ڳالهه هن ا??لا??ات واري صوبائي نگران وزير احمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ رابطي جي ڪا کوٽ نه هجي، ان حوالي سان صوبائي ا??لا??ات وارن وزيرن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين. هن چيو ته ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نما??ند?? هلائيندا. هن چيو ته وڏا پاليسي فيصلا ڪرڻ چونڊيل پارليامينٽ جو ڪم آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي آهي، ان کانپوءِ کان حالتون خراب نه ٿين، اسان بهتر حالت ۾ ملڪ چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جو??ب ۾ ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي ۽ اسان اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جو??ب ۾ ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ڪراچي جا ڪيترائي دورا ڪيا آهن، نگران وزير??عظ?? گذريل ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪيو، هتي قيام به ڪيو ۽ واپارين سان ملاقات پڻ ڪئي. اڄ به نگران وزير??عظ?? ڪراچي جو دورو ڪري رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته نگران وزير??عظ?? جو صوبن ۽ مختلف شهرن ۾ وڃڻ جو سٺو رڪارڊ آهي، توهان ايترو دوست وزير??عظ?? ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. هڪ ٻئي سوال جي جو??ب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته سيڪيورٽي جا خدشا هر اليڪشن ۾ رهيا آهن، 2008ع ۾ اليڪشن مهم دوران اڳوڻي وزير??عظ?? محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي هئي، 2013ع جي چونڊن ۾ به سيڪيورٽي جو چئلينج موجود هو. هن چيو ته اڃا تائين اهڙي ڪا صورتحال پيدا ناهي ٿي جنهن کي اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪنٽرول ناهن ڪري سگهيا.