اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي، اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ??ين??ي. سم??جي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير چيو ته وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جون بجيٽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ 42 ارب رپين جي منظوري ڏني هئي، 10 ارب رپين جي رقم اڳ ۾ ئي جاري ڪئي آهي جڏ??ن ته اليڪشن ڪميشن منظور ٿيل بجيٽ جي رقم مان 17.4 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ??ين??ي، اسان آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان س??ن گڏ مضبوطي سان بيٺل آهيون.