اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي موسمياتي تبديلين جي خطرن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ايندڙ نسل جو مستقبل محفو?? بڻائڻو پوندو، زمين موسمياتي تبديلين جي خطري جي ور چڙهيل آهي، حڪومت يا ڪو به ادارو اڪيلي سر ان خطري کي منهن نه هو ڏئي سگ??ي، موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلين ??ان متاثر ملڪن جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پري ڪوپ – 28“ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته زمين جو گرمي جو درجو وڌي رهيو آهي، ڪا به حڪومت يا ادارو اڪيلي سر موسمياتي تبديلي جي خطري ۽ چئلينج کي منهن نه ٿو ڏئي سگ??ي، ان مسئلي جي اهميت سڄي معاشري کي تسليم ڪرڻي پوند??. ه?? چيو ته اسان کي موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻو پوندو. ان ڏس ۾ معاشري ۾ سوچ تبديل ڪرڻي پوند??. ه?? چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ٻارن ۾ شعور اجاگر ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ مائرون ۽ استاد پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگ??ن ٿا. اسان پنهنجي ڪلچر ۾ موسمياتي تبديلي جي اهميت کي اجاگر ڪري ئي انهن خطرن کي منهن ڏئي سگ??ون ٿا. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان پاڪستان ٽيليويزن ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسپيشل ڊيسڪ جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي سموگ ۽ ٻوڏ جهڙا مسئلا درپيش آهن، جيڪي انساني وجود جي لاءِ خطري جو سبب آهن. اسان اڪيلي سر ان مسئلي کي منهن نه ٿا ڏئي سگ??ون. ان جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوند??. ه?? چيو ته موسمياتي تبديلي جي لحاظ ??ان پاڪستان غيرمحفوظ ملڪ آهي، ان تباهي ۾ اسان جو ڪو به ڪردار نه آهي پر ان ??ان اسان سڀ ??ان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهيون. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي.