اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪس??ان?? نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن ناليواري پاڪس??ان?? آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جي و??د سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪس??ان?? آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جو وفد هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪس??ان?? نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪس??ان??ن جي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان معدنيات جي دولت سان مالامال آهي، پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، انهن سمورن عملن جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي. هن وفد کي تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ”هول آف دي گورنمينٽ“ حڪمت عملي تحت پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ يقيني بڻائيندي، ڪائونسل زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيندي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ سيڙپڪارين کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪس??ان?? ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي آفيس ۽ پاڪس??ان?? مشن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن سان پنهنجي رابطن کي تيز ۽ موثر بڻائين. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي نئين شعبن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جي ميمبرن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ملاقات جو موقعو ڏيڻ ۽ شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد وزيراعظم کي پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي قدمن کان آگاهه ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان جي لاءِ بي پناهه محبت اسان جي دلين کي هڪ ڪري ٿي. وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو.