اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد کي سندس ورسيءَ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽ??ئيٽ ۾ صدر چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد هڪ بهترين آفيسر هو. الله تعاليٰ ان کي ۽ ملڪ جي خاطر جان قربان ڪندڙ سمورن شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.