لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته واپارين جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، سڀئي سياستدان، بزنس مين، بيورو ڪريسي ۽ اسٽيل هولڊرن کي ملي رياست پاڪستان جي معاملن کي هلائڻو پوندو. مملڪت خداداد جي ترقي لاءِ 24 ڪروڙ عوام کي سوچڻو پوندو، آءِ ايم ايف پروگرام جو منظور ٿيڻ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ٿيڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جنهن تي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو، آءِ ايم ايف کي ماضي جي پيدا ڪيل بداعتمادي سبب خدشا هئا، 12 آگسٽ تائين اسان جي حڪومت آهي، پوءِ نگران حڪومت ايندي، چونڊن کان پوءِ جيڪڏهن عوام چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سا?? معيشت کي مستحڪم ڪنداسين. هو گورنر هائوس ۾ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن ۽ ٻين بزنس ڪميونٽي جي اڳواڻن سا?? ملاقات کان پوءِ خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر محمد بليغ الرحمان، وفاقي ??زي??، ??زي??اعظم جا خاص مددگار ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون. وفاقي ??زي?? اسحاق ڊار ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس م شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڪنهن به حڪومت جو اهو بنيادي فرض آهي ته صنعتڪاري، زراعت ۽ واپار لاءِ جيڪو به ممڪن آهي ڪري هي ذميواري آهي ڪو احسان ناهي، اڄ جيڪي مشڪل حالتون ??ام??ون آهن اهي اوهان سڀني آڏو آهن،. الله تعاليٰ جو ڪرم آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ جو پروگرام گڏيل ٽيم ورڪ ذريعي منظور ٿي ويو آهي، هي معاهدو 9 مهينن لاءِ ٿيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سا?? منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پروگرام جي منظوري تي ان جو ٿورو مڃيو. گذريل 15 مهينن کان آمريڪا سا?? جيڪي لاڳاپا خراب ٿيا هئا، انهن کي ڏينهن رات محنت ڪري ٻيهر بحال ڪيو آهي، ان ڳالهه کي آمريڪا سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته اهو ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي، اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي ذاتي مفاد کي قومي مفاد تي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي، بدقسمتي سا?? ماضي ۾ ذاتي مفادن خاطر قومي مفادن کي قربان ڪيو ويو، جنهن جو نقصان قوم آڏو آهي، هي صرف هڪ نه بلڪه ان حوالي سا?? ڪيترائي مثال موجود آهن. ??زي??اعظم چيو ته ماضي ۾ معاهدن جي خلاف ورزي سبب مشڪلاتون پيدا ٿيون پر ٽيم ورڪ جي گڏيل ڪوششن ۽ الله پاڪ جي فضل و ڪرم سا?? آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ٿيو. هن چيو ته چين 5 بلين ڊالر گذريل 5 مهينن ۾ پاڪستان لاءِ رول اوور ڪيا آهن. هن وقت چين 5 بلين ڊالر رول اوور نه ڪري ها ته خدانخواسته پاڪستان ڊفالٽ ڪري وڃي ها. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي بزنس ڪميونٽي جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. اوهان عظيم پاڪستاني ماڻهو آهيو، سيڙپڪاري ڪيو ٿا خطرن کي منهن ڏيو ٿا ۽بئنڪن مان مهانگا قرض وٺو ٿا. هن چيو ته اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڇاڪاڻ ته اسان لاءِ اهو فڪر جو لمحو آهي، بزنس ڪميونٽي جا مسئلا حل طلب آهن، پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي پنهنجي پنهنجي سطح تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ??زي??اعظم چيو ته آءِ ايم ايف کي ماضي جي پيدا ڪيل بداعتمادي سبب خدشا هئا جنهن جي ڪري پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ دير ٿي. اميد آهي ته نگران حڪومت معاهدي تي عملدرآمد جاري رکندي، صنعتڪار ۽ بزنس ڪميونٽي جو پروڊڪشن ۽ ملڪي اڪنامي ۾ تمام اهم ڪردار آهي، پهرين اسان ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪندا هئاسين، صنعتڪاري ۽ زرعي شعبي جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، اڄ مشڪل حالتون ??ام??ون آهن، ناڻي واري ??زي?? اسحاق ڊار ۽ ان جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ ان پروگرام کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سمورن مرحلن کي سٺي طريقي سا?? عبور ڪيو. آءِ ايم ايف ڊيل جي حوالي سا?? پوري قوم کي آگاهه ڪيو ته ڪهڙا مرحلا گذريا آهن، اسان پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، سعودي عرب 2 بلين ڊالر يو اي اي هڪ بلين ڊالر ۽ آءِ ايم ايف طرفان 1.2 ارب ڊالر قومي خزاني ۾ جمع ٿيڻ سا?? مجموعي طور پاڪستان جي 14 بلين ڊالرن جا ذخيرا ٿي ويا آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جو منظور ٿيڻ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي جنهن تي سڀني کي مبارڪون ڏيان ٿو. پئرس جي اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سا?? ڳالهايو، اوهان جي ڪاوشن کان سواءِ اهو ممڪن نه هو، آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿيڻ تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو شڪريو ادا ڪيون ٿا، گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سبب عالمي سطح تي نقصان پهتو، بدقسمتي سا?? آمريڪا سا?? لاڳاپن کي محدود سوچ ۽ غلطين جي ڪري ڪاري ضرب لڳائي وئي. اتحادي حڪومت ٻنهي ملڪن سا?? لاڳاپن کي بحال ڪيو، اسان وڏي محنت سا?? آمريڪا سا?? لاڳاپن کي بهتر ڪيو. پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي ٽيم ورڪ ڪوششن جو نتيجو آهي. ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي قربان ڪيو، ماضي ۾ جن معاهدن جون خلاف ورزيون ٿيون انهن عيوض معاملا الجهندا هليا ويا. هن چيو ته سمورين مشڪلاتن باوجود اسان کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ عهد ڪرڻو پوندو ته غريب جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ سڀني جي ذميواري اهي. اڪثر غريب ماڻهو جن جو گذر سفر انتهائي مشڪل حالتن ۾ آهي، سمورين چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ محنت ۽ قرباني گهرجي. هن چيو ته ??ما?? انٽر پرائيز هڪ اهم شعبو آهي جيڪو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جاپان، جرمني ۽ چين سميت ٻين ترقي يافته ملڪن ??ما?? انڊسٽري تي فوڪس ڪندي ترقي ڪئي، پر اسان هن سيڪٽر تي ڪيتري توجهه ڏني آهي اهو هڪ چئلينج آهي. ??زي??اعظم چيو ته اڳوڻي ??زي??اعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ شروع ڪيل منصوبن ۾ دير ڪئي وئي جنهن سبب انهن جي لاڳت 30 کان 40 ارب رپيا وڌي وئي آهي. اهي پئسا ريسرچ ۽ ترقي جا سينٽر بڻائڻ لاءِ ڏئي سگهجن پيا. هن چيو ته 2008ع ۾ 1122 کي پوري پنجاب ۾ پکيڙيو ڇو ته هي هڪ سٺو منصوبو هو. هن چيو ته عمران خان چئني صوبن ۾ پنهنجي مخالفن کي ظلم جو نشانو بڻايو. حالتن جي گهرج آهي ته سمورا آئيني ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪو آرڊينيشن ڪن. هن چيو ته نه چاهيندي به بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻي پئي. بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻا پوندا ته جيئن غريب شهرين تي اور بلنگ جو بار نه پوي. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي ??زي??اعظم محمد نواز شريف اڪنامڪ رفارمز ڪيا ۽ ان جا بهترين نتيجا حاصل ٿيا.