اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوجوانن کي مثبت ميڊيا جي ذريعن جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ سمورن ادارن کي بري طرح تباهه ڪيو، چار سال ملڪ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو، ريڊيو ۽ ٻيا ميڊيا جا ادارا قومي ورثو وقت جي اشد ضرورت آهن، اسڪرين ٽوئر ازم ذريعي پاڪستان جو مثبت بيانيو اجاگر ٿيندو، عوام کي سستي تفريح فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ مختلف منصوبن جي افتتاحي تقريب ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب ورثي ۽ ثقافت ذريعي پاڪستان جو مثبت اميج پوري دنيا تائين پهچائڻو آهي، هن وقت پاڪستان جي نوجوان نسل کي مثبت ميڊيا ذريعن جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته گذريل حڪمرانن پنهنجي چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ سمورن ادارن کي بري طرح نقصان رسايو ۽ انهن ئي چئن سالن ۾ ملڪ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو. هن چ??و ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته نوجوانن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هجڻ گهرجي نه وري پيٽرول بم. هن چ??و ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 18 -2017ع ۾ فل?? پاليسي جو بيناد رکيو ۽ ان لاءِ بجيٽ پڻ رکيو ويو، پر بدقسمتي سان گذريل حڪومت هر اداري کي تباهه ڪيو، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان کي نيلام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته انهن کي احساس تائين نه هو ته نيشنل براڊ ڪاسٽ جي حفاظت ڪئي ويندي آهي نه وري ان کي نقصان پهچايو ويندو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ ڪو به دهشتگردي جو واقعو ٿئي ٿو ته پوري دنيا ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو پر پاڪستان جي ڪلچر ٽورازم کي دنيا نٿي ڄاڻي جنهن کي اسڪرين جي سياحت ذريعي مثبت بيانو بڻائي ڏيکاريو ويندو ۽ حڪومت ورثي، ثقافت ۽ سينيما ذريعي ڪلچرل بياني کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ پوري طرح قانونسازي ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فل?? سازي ۾ استعمال ٿيل اوزارن کي گهرائڻ لاءِ ايف بي آر ذريعي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏني وئي ته جيئن وڌ کان وڌ فل??ون ٺهن ۽ دنيا کي پاڪستان جو سافٽ اميج ڏيکاري سگهجي. هن چ??و ته ملڪي سينيما هائوسز مختلف سببن جي ڪري پيٽرول پمپس ۽ شادي هالن ۾ تبديل ٿيا ڇاڪاڻ ته فل?? پروڊيسر لاءِ ممڪن نه هو ته هو ان کي وڌيڪ هلائي سگهي، پر حڪومتي پاليسين عيوض هن عيد تي 5 کان 6 فل??ون رليز ٿيون ۽ ان ۾ وقت سان گڏوگڏ بهتري اچي رهي آهي جڏهن ته ان رجحان جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ريڊيو پاڪستان ۾ عوام لاءِ پهريون ڊجيٽل سينيما بڻائي رهيا آهيون، سينيما هائوسز جو مقصد نوجوانن کي سستي تفريح فراهم ڪرڻ آهي، ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن سينيما ۽ ٿيٽرز بڻايا ويندا، جڏهن ته ايف بي آر کين ڀرپور رليف پڻ ڏيندي، هن چ??و ته فل?? فنانسنگ ڪائونسل ??جيٽ ۾ 2 ارب روپيا رکيا آهن هاڻي ڪا به ڊاڪيومينٽري ،شارٽ فل?? يا فل?? بڻائڻ چاهي ته حڪومت ان جي مدد ڪندي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ هفتي ميوزڪ فل?? پاليسي کي لانچ ڪيو پيو وڃي ۽ پوري ملڪ جي ميوزڪ هسٽري کي نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو ذريعي محفوظ ڪيو ويندو. هن چ??و ته 15 جولاءِ کان ٽينلينٽ هنٽ پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان ميوزڪ جي ٽيلينٽ کي پروموٽ ڪيو ويندو ۽ ان جي شروعات سنڌ کان ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هن چ??و ته ڪلاسيڪل ميوزڪ ريسرچ سيل ۾ سمورن ماڻهن سميت شاگرد تحقيق ڪري سگهن ٿا جنهن جي ذريعي ڏورانهن علائقن جي نوجوانن جي فن ج?? حوصلا افزائي به ٿيندي جڏهن ته ڊجيٽل براڊ ڪاسٽنگ ٽريننگ ليب ۾ پريڪيٽل ڪم جي سهولت موجود هوندي جيڪا پهرين ڪٿي به نه هئي. هن چ??و ته اهي سموريون شيون هونديون ته يونيورسٽين جا نوجوان ڪنهن جي نفرت انگيز بياني، انتشار، فتني ۾ نه اچي سگهندا، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ان مقصد لاءِ ورهايا ته جيئن انهن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هجي نه وري پيٽرول بم، ۽ ٻارن وٽ ميوزڪ نه هوندو ته نفرت ۽ گارگند هوندي. هن چ??و ته محمد نواز شريف ذريعي سي پيڪ آيو ته سڀ کان حصو روڊ نيٽ ورڪ، ون بيلٽ ون روڊ ۽ ڪلچر ۽ ثقافت جو هو. هن چ??و ته پي ٽي وي اڪيڊمي سان يونيورسٽي جا شاگرد ڊگري پروگرام ذريعي ايڪٽنگ ۽ پروڊڪشن ۾ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا جنهن کي سمورين يونيورسٽين لاءِ کوليو ويو آهي جڏهن ته انفارميشن اڪيڊمي ۾ سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن جي تربيت ڪئي ويندي. وفاقي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ 100 فل??ون ٺهن ٿيون ته ان ۾ هڪ يا ٻه ڪامياب ٿين ٿيون، پر هنن فل?? ٺاهڻ جي عمل ۾ بند ناهي ڪيو، فل??ون ٺهنديون رهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ٺهندي ٺهندي ئي بهتري ايندي، هن چ??و ته مشڪل حالتن باوجود به اهڙي پروڊڪشن ٿي رهي آهي جيڪا تمام زبردست ۽ بهتر آهي، مريم اورنگزيب چيو ته 1992ع ۾ فل?? انڊسٽري کي صنعت جو درجو ڏنو ويو هو پر ان سلسلي ۾ ڪي به ضروري قاعدا ۽ ضابطه مڪمل نه ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل دور ۾ ان کي صنعت جو درجو ڏيڻ سمجهه کان مٿانهون آهي. هن چ??و ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو صحافين ۽ آرٽسٽن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ متعارف ڪرايو آهي، هن چ??و ته پي ٽي وي تي حملو ڪندڙن ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ ٽن ڏينهن تائين پنهنجي گهربل هدف تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ چاغي آرڪائيو کي ساڙيو ويو جنهن جو ڪو به بيڪ اپ ناهي، هاڻي سمورا آرڪائيو ڊجيٽل ڪرڻ وڃون پيا، هن چ??و ته پوري دنيا ۾ ايئرپورٽ آئوٽ سورس تي هلن ٿا، پاڙيسري ملڪن سميت هيٿرو ايئرپورٽ به آئوٽ سورس ۽ انٽرنيشنل پارٽنرشپ جي پاليسي تي هلي رهيا آهن جڏهن ته حڪومت هڪ انچ به جڳهه وڪرو ناهي ڪئي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي محمد نواز شريف جلد وطن واپس ايندو هاڻي ته جهڙي طرح جا فيصلا اچي رهيا آهن ان ۾ واضح لکيو ويو آهي ته محمد نواز شريف کان سياسي انتقام ورتو ويو هو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ جيترا به غلط ڪم ڪيا انهن جو سمورو ملبو اڳوڻي آرمي چيف تي وجهي ڇڏيو، جيتوڻيڪ اهي سموريون غلط شيون پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس ساٿين ڪيون، حڪومت ۽ فوج خلاف هڪ خاص گروه سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙي رهيو آهي، لسٻيله حادثي تي گندي مهم هلائي وئي جنهن جي سخت مذمت ڪريان ٿي، وزيراعظم جي هدايت آهي ته اهڙين ڌرين سان سختي سان پيش اچڻ گهرجي جيڪي فوج ۽ آرمي چيف خلاف مهم جو حصو آهن.