اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سامونڊي طوفان بپر جوائي جي ڏس ۾ ماڻهن جي حفاظت جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا ادارا گڏجي سامونڊي علائقن ۾ موبائيل اسپتالون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائين، امڪاني متاثر علائقن ۾ هنگامي طبي امداد جو خاطرخواهه انتظام يقيني بڻايو وڃي، طوفان جي ڏس ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي ڪيمپن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ خوراڪ جو خصوصي انتظام يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سامونڊي طوفان بپر جوائي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال تي جائزه اج??اس جي اسلام آباد ۾ صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم توانائي واري وزير انجنيئر خرم دستگير خان ??ي ڏکڻ سنڌ جي ضلعن ۾ سامونڊي طوفان جا اثر ختم ٿيڻ تائين موجود رهڻ جي هدايت ڪئي، توانائي وارو وزير ايندڙ ??جهه ڏينهن سامونڊي علائقن ۾ 24 ڪلاڪ بجلي جي پهچ نظام جي نگراني ڪري، سامونڊي طوفان ??انپوءِ بجلي جي پهچ نظام کي ٿيندڙ نقصان جي فوري مرمت ڪري بجلي جي بحالي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم سامونڊي طوفان بپر جوائي جي ڏس ۾ پيدا ٿيندڙ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان جي صدارت ۾ وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت جا نمائندا، موسميات کاتي ۽ نيشنل هاءِ وي جا نمائندا شامل هوندا. ڪميٽي سامونڊي طوفان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تسلسل سان مشاورت جاري رکي، ڪميٽي ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کان عوام کي آگاهه رکي، سامونڊي علائقن مان ماڻهن جو مڪمل انخلا يقيني بڻايو وڃي، طوفان سان امڪاني طور تي متاثر علائقن جي ماڻهن کي امدادي سامان جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. سامونڊي طوفان بپر جوائي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال کي انشاءَ الله سڀ ادارا گڏجي منهن ڏيندا. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن شيري رحمان، اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان ??يما، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، سنڌ ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اج??ا?? کي سامونڊي طوفان بپر جوائي جي رستي ۽ امڪاني سامونڊي علائقن سان ٽڪراءُ تي بريفنگ ڏني وئي. اج??ا?? کي ٻڌايو ويو ته طوفان جي موجوده صورتحال موجب طوفان 15 جون تي امڪاني طور تي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائجندو ۽ ٽن ڏينهن تائين مڪمل ختم ٿيڻ جي اڳڪٿي آهي. طوفان سان هن وقت سراسري 140 – 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن. اج??ا?? کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سامونڊي علائقن مان هن وقت 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۽ مجموعي طور تي اٽڪل 9 هزار خاندانن جي لڏپلاڻ ڪرائي پئي وڃي جيڪا 90 سيڪڙو تائين مڪمل ڪئي وئي آهي. لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي سرڪاري عمارتن ۽ عارضي ڪيمپن ۾ رهايو پيو وڃي جتي پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا انهن کي خوراڪ، خيما، مڇردانيون ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن. اج??ا?? کي ٻڌايو ويو ته امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جا سمورا ادارا هاءِ الرٽ تي آهن. ان ??انسواءِ مُهاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪڻ سان ??ڏوگڏ سمنڊ ۾ اڳ ۾ موجود مُهاڻن کي پڻ ڪڍيو پيو وڃي. اج??ا?? کي طوفان جي رستي بدلجڻ تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتظامن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اج??ا?? کي ٻڌايو ويو ته طوفان سان امڪاني طور تي ڪراچي ۾ برساتون متوقع آهن. اين ڊي ايم اي، صوبائي ادارا، ضلعي انتظاميا ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهن.