اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير سوسنگ پئيو ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ت??اون جي نئين موقعن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ ت??ريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا جي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستان ڏ??ڻ ڪوريا کي مختلف شعبن ۾ ت????يت يافته انساني وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ ڪوريا سان اعليٰ سطح جي رابطن سميت ثقافتي ورثي جي شعبي ۾ ت??اون وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.