اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي لاءِ ??نهنجي عزم کي ورجائيندي علائقائي رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ??ين ملڪن جي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ شرڪت سميت سي پيڪ جي توسيع تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ??يو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين گهڻ رخي پليٽ فارمز تي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 16 کان 18 مارچ تائين چين جو دورو ڪيو. هن چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي ۽ نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته دوري دوران ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ پاڪ چين ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جي ٽئين دور جي گڏيل صدارت ڪئي، ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمور?? رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ٻطرفي واپار، اقتصادي ۽ مالياتي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ??يو ويو ته پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي وڌائيندا ۽ مواصلات جي ذريعن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.