اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان المبارڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ??ان ا??ان کي هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو ??هي، منهنجي دعا آهي ته ا??ان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مبارڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه رمضان جو مهينو ذا??ي احتساب جو مهينو آهي. هي پنهنجي ذات جي حوالي ??ان نظرثاني ۽ اصلاح جو مهينو آهي. هي مهينو پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آهي ان جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اهي صبر ۽ نظم ۽ ضبط ??ان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ??ه منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ ا??ان کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي ??ان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ??ه منهنجي دعا آهي ته هن مبارڪ مهيني جي برڪت ??ان الله تعاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ ا??ان جي مدد فرمائي. الله تعاليٰ ا??ان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.