اسلام آباد ??? 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي عدليه بچ??ءُ تحريڪ ملڪ جي عدل جي نظام تي چماٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فارن فنڊيڊ ايجنٽ، توشه خانه چور، قوم جي 190 ملين جو امانت خور، القادر ٽرسٽ جو رشوت خور، عدالتي ڀڳوڙو، گدڙ عدليه بچ??ئڻ نه پر پنهنجي ڏوهن کان فرار جي لاءِ عدليه کان بچڻ نڪتو آهي. هن چيو ته عدليه نواز شريف جهڙو شينهن ليڊر بچ??ئيندو آهي، پوليس جي ڊپ کان ٻرِ ۾ لڪي ويندڙ گدڙ نه آهي. پنهنجي چورين ۽ ڏوهن تي ”عدليه کان بچ??يو“ تحريڪ جي پٺيان نه لڪو، عدليه کي تڏهن بچ??ئڻو هو جڏهن ثاقب نثار کي ڪوڙي صادق ۽ ام??ن سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي لاءِ فون ڪندو هو.