اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي صحت جي سارسنڀال جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??يجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي صحت ۽ ڀلائي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??يجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ افغانستان سيمنز هيلٿائزز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم جميل سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??يو ته طبي ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ملڪ جي صحت جي نظام کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته هيلٿ پروفيشنلز ملڪ جي مستقبل جي صحت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جدت اختيار ڪن. صدر صحت جي شعبي ۾ سرڪاري، نجي ادارن ۽ اين جي اوز جي وچ ۾ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهن جي بهتري، ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. هن پاڪستان جي صحت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ سيمز هيلٿائزز جي ڪوششن کي ساراهيو. سي سي او خرم جميل صدر ??ي سيمنز هيلٿائزز جي پاڪستان ۾ ص??ت جي شعبي ۾ خدمتن بابت بريفنگ ڏني.