اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ زلزلي سبب تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان تباهي جي شدت دنيا جو اجتماعي ڌيان گه??ي رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ وڏي جاني نقصان سبب ڏک آهي. متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته دنيا قدرتي آفتن جي مقابلي لاءِ متحد نه ٿي ته ڪير به نه بچندو. هن چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر ملڪن جي عوام سان گڏ آهيون، الله تعاليٰ مارجي ويلن جي مغفرت ۽ پونئ??رن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات ??ار?? وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.