اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي انهن حڪمن کي برقرار رکيو آهي ته چئن ڀي??رن کي انهن جي مرحوم والد جي وراثت ۾ ملندڙ جائيداد ۾ انهن جو حصو ڏيڻ کانپوءِ جائيداد کي کليل نيلامي/ وڪري ۽ ان سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀي??رن ڀائرن ۾ ورهائي ويندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر اهي حڪم انفورسمنٽ آف وومينز پراپرٽي رائيٽس ايڪٽ 2019ع تحت ڏنا آهن، ڀي??رن هراسيت جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته انهن جي ڀائرن پنهنجي فوتي والد جي جائيداد ۾ پنهنجو وراثتي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو لاڳاپيل حصو انهن کي ڏياريو وڃي. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب بمقام ڪار جي حڪمن کي برقرار رکيو، صدر 4 ڀي??رن کي وراثتي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جو حڪم برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي جائيداد جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀي??رن ڀائرن ۾ حصي م??جب ورهائي وڃي. چئن ڀي??رن ڀائرن پاران وراثتي حق نه ڏيڻ تي هراسمينٽ جي خاتمي واري محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. صدر نشاندهي ڪئي ته فوتي جي قانوين وارثن رضامندي سان هڪ بيان تي صحيحون ڪيون، معاهدي تحت ڪميشن جي ذريعي جائيداد جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ هر حصيدار کي شرعي حصو ڏيڻو هو، صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته رڳو هڪ ڌر جي خواهش تي اهڙي طرح جي حل کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ڀاءُ محتسب آڏو پنهنجي رضامندي سان گڏيل بيان تي صحيحون ڪيون. تفصيل م??جب سڳي ڀي??رن شبانه حنيف، نبيل الفت، ريحانه ذوالفقار ۽ نائلا نعيم (شڪايت ڪندڙ) هراست جي خاتمي واري محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي هئي، والد ورثي ۾ ر??ول??نڊي ۾ ٽي ماڙ گهر ڇڏيو هو، عورتن جي چئن ڀائرن جائيداد ۾ حصو ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، هڪ ڀاءُ محتسب آڏو دعويٰ ڪئي ته شڪايت ڪندڙ پنهنجو حصو وصول ڪري چڪي آهي ۽ بعد ۾ محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي، ڌرين محتسب آڏو اتفاق ڪيو ته جائيداد لاڳاپيل حصن م??جب ورهائي وڃي، جائيداد قابل ورڇ نه هجي ته وڪرو سان حاصل ٿيندڙ رقم ڀي??رن ڀائرن ۾ ورهائي وڃي. حل کانپوءِ ڀاءُ تنوير سرفراز خان دعويٰ ڪئي ته ڀينرون اڳ ۾ ئي پنهنجو حصو وٺي چڪيون آهن ۽ اهو ته حل جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. محتسب ڀاءُ جي دعويٰ کي رد ڪري ڪيو ۽ قاعدن ۽ ضابطن م??جب وڪري جي لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. تنوير سرفراز خان فيصلي جي خلاف صدر کي درخوست داخل ڪئي جنهن کي صدر ڄاڻايل بنيادن تي رد ڪري ڇڏيو.