اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جو خصوصي قدم، پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي اهتمام هي?? ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين سڄي ملڪ جي صحافين جي لاءِ تربيتي ورڪشاپس جي شروعات ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ 20 کان ??ڌيڪ تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن جن ۾ 1500 جي لڳ ڀڳ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان ??اڳيل نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان ??ختلف موضوعن تي تربيت ڏني پئي وڃي. پاڪستان انفارميشن سينٽر جي قيام جو مقصد سڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. ان کان اڳ 2022ع ۾ پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران ??ختلف موضوعن تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا هئا جن ۾ 700 کان ??ڌيڪ صحافين کي تربيت ڏني وئي. صحافتي حلقن خاص طور تي پاڪستان ??يڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ ٻين صحافت تنظيمن پاران ??ڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ان ??دم کي خوب ساراهيو ويو. انهن ??ربيتي ورڪشاپس جي انعقاد جو سلسلو نه رڳو صوبائي گادي وارن شهر پر ملڪ جي ٻين علائقن خاص طور تي اندرون بلوچستان، سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ پنجاب جي ڏورانهن ??لائقن تائين ڦهلايو پيو وڃي ته جيئن انهن ??لائقن ۾ رهندڙ صحافين کي به تربيتي ورڪشاپس مان ??ائد?? کڻڻ جو موقعو ملي سگهي. پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انويسٽي گيٽو جرنلزم، ڊيجيٽل ميڊيا اٿينٽسٽي، فيڪ نيوز ۽ ڊاڪيومينٽري ميڪنگ جهڙن اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن. انهن ??ربيتي ورڪشاپس ۾ سينيئر جرنلسٽس، ميڊيا معاملن سان ??اڳاپيل ماهرن، ماس ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽس جي استادن کان ??ائدو کنيو پيو وڃي ۽ انهن کي بطور ٽرينر انهن ورڪشاپس ۾ گهرايو پيو وڃي. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان 28 ۽ 29 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪيو پيو وڃي.