راولپنڊي – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط م??لومات يا جعلي پروپئگنڊ جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪ?? ۾ ??ستعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. هو نيشنل ??يف??س يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 23 جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس ??ي آر موجب صدر قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي قدرن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. صدر شرڪت ڪندڙن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجو پاڻ کي تازي اڳڀر??ئي خاص طور تي آءِ ٽي، اي آئي ۽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ اڳڀر??ئي کان باخبر رکن. مواصلاتي ٽيڪنالاجيز ۽ خاص طور تي ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط م??لومات يا جعلي پروپئگنڊه جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪ?? ۾ ??ستعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. صدر شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ سخت محنت ڪن. صدر مستقبل جي چئلينجن موجب مستقبل جي قيادت کي معياري تربيت فراهم ڪرڻ تي نيشنل ??يف??س يونيورسٽي کي ساراهيو.