اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز????اع??م محمد شهباز شريف پهرين نومبر کان چين جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطحي وفد به ساڻس گڏ هوندو. وز????اع??م کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وز????اع??م لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وز????اع??م محمد شهباز شريف جو چين جو پهريون دورو هوندو، وز????اع??م 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وز????اع??م چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل ??هي. بيان موجب وز????اع??م جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي مٽاسٽا جي تسلسل جو اظهار آهي. وز????اع??م دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وز????اع??م لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وز????اع??م محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن / معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي جڏهن ته وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ تعاون جي رفتار کي مستحڪم ڪرڻ جي پڻ اميد آهي.