اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حقيقت کان هٽي ڪري بيانن کي پي?? ڪرڻ اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال جو سبب بڻجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۾ شايع/ نشر ٿيندڙ انهن خبرن جو سخت نوٽيس ورتو آهي جن ۾ سومر ڏينهن ”آج“ ٽي وي جي اينڪر عاصمه شيرازي سان انٽرويو دوران ”سائفر“ جي حوالي سان صدر جي بيان کي مڪمل طور تي حقيقت کان هٽي ڪري پي?? ڪيو ويو. پنهنجي انٽرويو ۾ صدر واضح طور تي چيو هو ته کيس سازش بابت شڪ آهي ‘suspicion’ آهي جڏهن ته ان جو حتمي فيصلو م??مل جاچ کانپوءِ ئي ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته چيف جسٽس آف ??اڪستان کي خط لکڻ کان وٺي هيستائين ان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ ان خط ۾ هن سپريم ڪورٽ کي مع??ملي جي مڪمل انڪوائري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي ڇو ته کيس پڪو يقين آهي ته ان مع??ملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. صدر ان مع??ملي کي سپريم ڪورٽ ۾ ان لاءِ نه موڪليو هو ته کيس سازش بابت ڪو شڪ نه هو، پر ان لاءِ ته اهو مع??ملو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم پاران اٿاريو ويو هو، تنهن ڪري سمورن دستياب واقعا??ي ثبوتن سميت پوري مع??ملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ضروري آهي. هن چيو ته اسان ان حقيقت کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ته سائفر جا قومي سطح تي اثر پي?? ۽ ان جي ڪري سياسي هلچل پي??ا ٿي. ان لاءِ هن سپريم ڪورٽ کي پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪيل ڊيمارش کان هٽي ڪري به غيرجانبداراڻي انڪوائري جي درخواست ڪئي. اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته صدر جي لفظن کي هڪ انتهائي سنجيده مع??ملي تي ٽوڙي مروڙي پي?? ڪيو ويو جنهن سان سنگين اثر پي??. صدر پارليامينٽ ۾ ۽ ان کانسواءِ به ڪيترائي ڀيرا ”حقيقت کان هٽي ڪري“ تصويرڪشي جي اثر بابت ڳالهه ڪري چڪو آهي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري پي?? ڪيل بيان اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال پي??ا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.