فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان فيصل آباد جي بازارن، مارڪ??ٽن?? روڊن، واپاري عمارتن، گهٽين، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن کي خوبصورتي سان سجائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فيصل آباد جي واپاري برادري ۽ نوجوان وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن. جڏهن ته ضلعي انتظ??مي?? پاران چيو ويو آهي ته ان عظيم آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي واپاري برادري جي شاندار روايتون ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿيون ڪري سگهجن. ٻئي طرف واپاري نمائندن اي پي پي کي آزادي ڏهاڙي جي پروگرامن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته گهنٽا گهر چوڪ جي 8 بازارن سميت ٻين بازارن، مارڪ??ٽن?? سبزي منڊين ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن کي قومي جهنڊن ۽ ٻين خوبصورت شين سان سينگاريو پيو وڃي. هنن ٻڌايو ته ايندڙ چئن ڏينهن دوران مختلف وقتن ۾ آزادي جا ڪيڪ ڪاٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪ??ون وينديون. جڏهن ته سرڪاري سطح تي ٿيندڙ تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.