اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڊيرا غازي خان، راجن پور ۽ لسٻيلا جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي دوري تي ڊيرا غازي خان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي مددگار عطا??ُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار رياض محمود خان م??اري، اسلم ڀ??تاڻي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز گڏ آهن. وزيراعظم کي اتان جي ٻوڏ متاثرين جي جاري مدد تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ڊيرا غازي خان ۾ ٻوڏ متاثرين س??ن ملاقات به ڪندو.