اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ??مر جاويد باجوه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??ها?? ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آرم?? چيف سان ڪ??ر ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڊائريڪٽر جنرل ??اڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، 12 ڪور جي برگيڊيئر محمد خالد، پائليٽ ميجر سعيد احمد ۽ مددگار پائليٽ ميجر محمد طلحيٰ منان ۽ نائيڪ مدثر فياض جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??ها?? ڪندي انهن جي بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ انهن جي گهروارن سان همدرديءَ جو ا??ها?? ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪند?? چيو ته قوم جا فرض شناس فرزند بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب امدادي ڪمن ۾ مشغول هئا ۽ انهن پنهنجي خدمتن جي ادائيگي ۽ قوم جي خدمتن لاءِ انته??ئي دل ۽ جان، محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته بي لوث خدمت جي جذبي سان سرشار اهي سپوت قوم جا محسن آهن. هن آرم?? چيف پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران گوادر جي اڳوڻي دوري دوران ڪ??ر ڪمانڊر جنرل سرفراز علي سان ملاقات ۽ ان پاران ڏنل بريفنگ جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته ان بريفنگ دوران مون کيس انته??ئي قابل، ذهين ۽ فرض شناس آفيسر طور ڏٺو. آرم?? چيف جنرل ??مر جاويد باجوه صدر کي ٻڌايو ته امدادي سرگرمين دوران خراب موسم جي ڪري حد نگاهه گهٽ ٿي، جنهن جي ڪري هيليڪاپٽر حادثو پيش آيو. آرم?? چيف وڌيڪ چيو ته هيليڪاپٽر جو ملبو حاصل ڪيو ويو آهي ۽ سڀئي فوجي آفيسر شهادت ماڻي چڪا آهن. صدر ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان خواهش جو ا??ها?? ڪيو ته هو انهن شهيدن جي جنازي ۾ پاڻ شرڪت ڪندو ۽ خاص طور تي انهن جي گهروارن ۽ پونئيرن سان به تعزيت جو ا??ها?? ڪيو.