اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري سول سرونٽ عبدالله مرحوم جي لاڏاڻي تي ت??زيت جو اظهار ڪيو آهي. هو سي ايس پي 1967ع بئچ سان تعلق رکندو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سول سرونٽ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ٿ??و، الله کيس جنت ۾ جڳهه ڏي. عبدالله مرحوم هڪ فرض شناس سول سرونٽ، هڪ ناليوارو اسڪالر ۽ اسلام جي محققين مان هڪ هو. وزيراعظم چيو ته عبدالله مرحوم جو سروس دوران ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ۽ ملڪ جي لاءِ ??ڻٿڪ محنت سول سرونٽس جي لاءِ پوئل??ي قابل رول ماڊل آهي. اسان جون سموريون همدرديون مرحوم جي گهروارن سان گڏ آهن. الله تعاليٰ ان??ن کي صبر جميل عطا فرمائي.