اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گوادر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان ويهنداسين، گهريلو صارفين کي سولر پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي ماڻهن کي تحفو هوندو، ان ??والي سان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل شروع ڪيو وڃي، منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ بجلي جي ٽرانسم??شن لائين تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، ايف ڊبليو او جو ڊي جي ميجر جنرل ڪمال اظفر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جيواڻي، ??وادر، پسني، اورماڙا، پنجگور ۽ ايران ??ي وچ ۾ بجلي جي ٽرانسم??شن لائيز جي تعمير تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسم??شن لائينز جي حوالي سان ننڍي مدي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن کي جاري ڪيو پيو وڃي، 6 مهينن اندر گوادر کي ايران کان وڌيڪ سئو ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري سگهندي، ان ??ان ??جلي جي مجموعي فراهمي 260 ميگاواٽ جڏهن ته کپت 236 ميگاواٽ هوندي، وڌيڪ اهو ته خضد??ر، پنجگور ٽرانسم??شن لائيز جي ڊسمبر 2022ع ۾ پڄاڻي کانپوءِ 90 ميگاواٽ جو سسٽم ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ان منصوبي تي به ڪم تيزي سان ??اري آهي، ان کانسواءِ حب، اورماڙا ٽرانسم??شن لائيز جي فزيبلٽي تياري جي مرحلن ۾ آهي، ان ٽرانسم??شن لائين جي پڄاڻي کانپوءِ وڌيڪ 200 ميگاواٽ سسٽم کي فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ ج?? هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته گهريلو صارفين کي سولر پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي ماڻهن کي تحفو هوندو، ان ??والي سان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل پيش ڪيو وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته گوادر ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي آف گرڊ نظام جو به جامع لائحه عمل جوڙيو وڃي. گوادر ۾ آف شور ۽ آف شور ونڊ پاور منصوبن لاءِ به هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي، ??کڻ بلوچستان ۾ ٽرانسم??شن لائيز جي ڪم ۾ تيزي آڻي ان کي هلندڙ سال ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو وڃي، وزيراعظم چيو ته منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير قبول نه آهي، لاڳاپيل کاتا يقيني بڻائين ته ڊگهي مدي وارن منصوبن ۾ وقت ۽ لاڳت ۾ جيترو ٿي سگهي ٿي گهٽتائي آندي وڃي، حڪومت جي ذميداري هوندي آهي ته هو عوام جي پئسي جي بچت ڪري ۽ ان ??و صحيح استعمال يقيني بڻائي. گوادر بندرگاهه کي دنيا جي جديد ترين بندرگاهه بڻائڻ لاءِ بنا دير جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ??وادر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان نه ويهنداسين.