اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد آرٽ گئلري ايف نائين جو دورو ڪيو. هن آرٽ گئلري ۾ ام??د شاهه آفريدي جي فن پارن ۽ تصويرن جي نمائش ڏٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر کي اسلام آباد آرٽ گئلري جي چيف ڪيوريٽر جمال شاهه، ام??د شاهه آفريدي جي فوٽو گرافي ۽ فن پارن جي باري ۾ بريفنگ به ڏني. صدر اسلام آباد آرٽر گئلري ۾ موجود فن پارن کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر سرڪاري ميڊيا سان ڳ??لهائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ اهڙين وڌيڪ آرٽ گئلرين جي ضرورت آهي، ام??د شاهه آفريدي حڪومت جو هڪ ايماندار بيوروڪر??ٽ هو. هن چيو ته ام??د شاهه آفريدي جا فن پ??را زنده فن جو نمونو آهن، ان جي فن پارن جي نمائش ٻين ماڳن تي به ٿيڻ گهرجي.