اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيد??ن جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ جيلن ۾ قيد??ن جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ڪم??ٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاهور جي دوري جي موقعي تي ڪوٽ لکپت جيل ??و دورو ڪيو ۽ قيد??ن جي سزائن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ جيل ??ڌارن جي لاءِ گهرو وزير جي سربراهي ۾ ڪم??ٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاران اعلان ڪيل ??يل ??ڌارا ڪم??ٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل ??ملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيد??ن جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيد??ن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ وزيراعظم قيد??ن جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي و??يڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قيدين کي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعا موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن.