اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جي آزادي جو 75 هون سال آهي، هن سال سمورا ادارا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي ??رو??ات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي، جنهن ۾ سڀني اسلامي ملڪن جي ??رڏ??هي وزيرن کانسواءِ ڪجه?? يورپي ملڪن جا اهم ??رڏ??هي وزير ۽ نمائندا شر??ت ڪندا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ انهن لمحن کي يادگار بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي ”لوگو“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال سمورا ادارا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي ??رو??ات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي ۽ 14 آگسٽ تي به اهم تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ جي پريڊ خصوصي پريڊ هوندي جنهن ۾ اسلامي ملڪن جي ??رڏ??هي وزيرن کانسواءِ ڪجه?? يورپي ملڪن جا ??رڏ??هي وزير ۽ اهم نمائندا شر??ت ڪري رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان پنهنجي تاريخ جي سمورين شاندار ڪهاڻين کي سامهون آڻيون. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي جو 75 هون سال آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جو چارٽ جوڙيو وڃي جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سمورن شعبن ۽ سمورين وزارتن ۽ کاتن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ٺوس پروگرام جوڙيا آهن جن جي ??رو??ات 23 مارچ کان ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ٻين چئنلز ۽ سڀئي ادارن پنهنجا زبردست پروگرام ترتيب ڏنا آهن ۽ هن سال اسان 23 مارچ کي ان انداز ۾ ملهائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي جيڪا شاندار ڪهاڻي آهي ان کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڀلي اها اسان جي شاعري جي ڪهاڻي آهي، فوج جي جرئت ۽ دليري جي ڪهاڻي آهي، چاهي اسان جي پوليس جا نمايان ڪارناما هجن ۽ اسان جي قوم جي ٻين روشن ستارن جي ڪهاڻي هجي، اسان انهن سڀني ڪهاڻين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن اسان اهو ڏيکاري سگهون ته 75 سالن ۾ پاڪستان ڪٿي هو ۽ ڪٿي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته اهو سفر شاندار هوندو، پاڪستان جي اها تقريب مستقبل جو پيش خيمو هوندي ۽ اسان ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين.