اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ت?? وزيراعظم عمران خ??ن جي بهترين پاليسين جي ڪري ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود ملڪ ۾ معيشت جو ڦ??ٿو هلي رهيو آهي، ايف بي آر هلندڙ مالي سال دوران جولاءِ ک??ن فيبروري 8 مهينن ۾ 3799 ارب جو ٽيڪس گڏ ڪيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي کان 30 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 2018ع ۾ (ن) ليگ حڪومت جي آخري سال ۾ ڪل 3800 ارب رپيا ٽيڪس ??ڏ ٿيو هو.