اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي ٽيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي، پاڪستان آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيش ڪيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ رهندڙ ??يڪ??الاجي انٽر پرينيورز جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسپيشل ??يڪ??الاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، ايڊوانس انٽيلي جنس گروپ جي جيف شيف، ذڪر سمر ۽ عمير جاويد وڊيو لنڪ ذريعي جي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي لاءِ ايپ ڊيولپمينٽ، AI تي ٻڌل ڊيجيٽل شناختي حل، ڊيجيٽل ادائيگين، اي ڪامرس ۽ ڊيجيٽل مٽاسٽا جي ناڻي جي پليٽ فارم جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته پاڪستان جو ٽيڪ ٽيلينٽ عالمي مارڪيٽ جي لاءِ ڪشش جو هڪ وڏو ذريعو آهي. ??يڪ??الاجي تي ٻڌل حل اختيار ڪرڻ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اڀرندڙ ??يڪ??الاجي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت ۽ بگ ڊيٽا سليوشنز کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن ڊيٽا انٽيگريشن ۽ سائبر سيڪيورٽي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ون ونڊو جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. صدر اسپيشل ??يڪ??الاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائي ??يڪ??الاجي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ معاونت جي حڪومتي عزم کي پڻ ساراهيو.