اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته حڪومت سياسي پا??ٽين سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، اسان چونڊ سڌارا، عدالت ۽ احتساب جي نظام ۾ سڌارا چاهيو?? ٿا، جيڪي مخالف ڌر کانسواءِ ممڪن نه آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ قيادت پنهنجي ڪيسن ۾ رليف کانسواءِ ڪنهن ٻي موضوع تي ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ شريف فيملي کي پاڻ کان علحيده ڪري ٿي ته اها مثبت اڳڀرائي ٿيندي، سياسي پا??ٽين کي اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن جو شڪار قيادت مٽائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نواز شريف هر مشڪل وقت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي لنڊن پناهگي?? ٿي ويو، اهڙي ليڊر جي عزت ناهي رهندي.