اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن، مقامي آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪ??دا?? ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي اسڪردو جي شاگردن ۽ است??دن سان ملاقات دوران ڪيو. يونيورسٽي آف بلتستان اسڪردو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نعيم خان صدر کي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪ??دا?? کان آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران هن ٻڌ??يو ته هن وقت يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسز ۾ 3200 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ ۽ صنعت جي وڌندڙ ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو، مقامي آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته يونيورسٽيون مقامي نوجوانن جي مهارت ۾ اضافي تي ڌيان ڏين، آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائي شاگردن کي مارڪيٽ ضرورتن موجب هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، حڪومت گلگت بلتستان جي ماڻهن جي معاشي صحت بهتر بڻائڻ جيل اءِ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ گلگت بلتستان کي مرڪزي مقام حاصل آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪ??دا?? ادا ڪندو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميون جي پروسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ معدنيات شعبي کي جديد بني??دن تي تر??ي ڏيڻ معاشي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. صدر گلگت بلتستان جي شاگردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪ??دا?? کي ساراهيو.