اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چ??و آهي ته بلاول صاحب اڄ بلدياتي ??ظام ۾ سڌارن جي ڳالهه ڪري ره??و آهي، ته اي وي ايم تي ڇو نه ٿو مشاورت ڪري؟ ڪرپٽ سياسي پارٽيون ڪڏهن به چونڊ سڌارن جي ڳالهه نه ٿيون ڪري سگهن. مملڪتي ??زير فرخ حبيب بلاول زرداري جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي چيو ته بلاول صاحب اهو ڪهڙو بلدياتي ??ظام آهي جنهن ۾ ڪا مشاورت ئي نه ڪئي وئي؟ ان بلدياتي ??ظام کي پاس ڪرائڻ ۾ جلدي ڇو ڪئي وئي؟ مملڪتي ??زير چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي، سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کان هر صورت ۾ ڇوٽڪارو چاهي ٿي. فرخ حبيب چيو ته جيڪڏهن 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪو هڪ وڏو ڪم ڪ??و آهي ته سامهون آڻي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ذخيره اندوزن جي پٺڀرائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪراچي ۾ آهي. مملڪتي ??زير چيو ته پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين ۾ جڏهن ته ڪراچي ۾ 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي ره??و آهي. فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪير پڇڻ وارو نه آهي. هن چيو ته ڪاغذن ۾ سنڌ ۾ اربين رپيا صهت ۽ تعليم جي شعبي تي خرچ ٿيا پر اڄ به سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمبولينسُون نه آهن. فرخ حبيب چيو ته سنڌ جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيرو اندزن ۽ لينڊ مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو و??و آهي، جعلي ڊوميسائيل تي ??وڪرين جو اعزاز به پيپلزپارٽي حڪومت کي ئي حاصل آهي. مملڪتي ??زير چيو ته گرين لائين، سنڌ جي پٺتي ??يل علائقن جي ترقي، نالن جي صفائي سميت هر وڏو ڪم وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت سواءِ ڪرپشن جي ڪجهه نه ڪري رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ٻنهي پنهنجي پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ت??قي ۽ عوام خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي. مملڪتي ??زير چيو ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ به ڪرپشن جي بازار گرم هئي. هن چيو ته سماجي تحفظ جي لاءِ احساس پروگرام جي لاءِ هلندڙ سال 260 ارب رپيا رکيا ويا آهن، احساس تحت 34 پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. مملڪتي ??زير چيو ته 2018ع جي اليڪشن ۾ عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ان کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي ره??و آهي.