اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته قبضا مافيا کان ٻيلن جي زمين آجي ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبضي وارين زمينن تي ٻوٽا لڳائي ٻيلن جي رقبي کي ??ڌائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن پاڪستان جي سرسبز علائقي ۾ اضافو ٿي سگهي. وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، موسمياتي تبديلي جي باري ۾ وزيرا??ظم جو خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪ?? ڪئي. پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ حڪومت پنجاب جي لاڳاپيل سينئر آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ وزيرا??ظم کي ??ڌايو ويو ته سرويئر جنرل آف پاڪستان سي ڊي اي، حڪومت پنجاب ۽ اويڪيوٽرسٽ بورڊ (اي ٽي پي بي) سان گڏجي ڪم ڪري ريهو آهي ته جيئن سرڪاري ملڪيتن، اسلام آباد، لاهور ۽ اويڪيوٽرسٽ بورڊ (اي ٽي پي بي) جي ڪيڊسٽرل رڪارڊ کي ??ڪمل ڪري سگهجي. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي ??داي?? ڪئي ته هو قبضي واري زمينن تي ٻيلن جي واڍي جي روڪٿام يقيني بڻائي ملڪ جي ٻيلن جي رقبي کي ??ڌائڻ لاءِ فوري قدم کڻن. وزيرا??ظم چيو ته زمينن جي غير مجاز استعمال جي روڪٿام ۽ هائوسنگ سوسائيٽين جي پکيڙ کي ??حدود ڪرڻ، خوراڪ جي حفاظت ۽ پاڻي ۽ سيوريج جهڙي بهتر شهري سهولتن جي فراهمي کي ??قيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، هن هداي?? ڪئي ته ڪيڊسٽرل سروي جي نتيجن جو صوبن سان مٽاسٽا ڪئي وڃي جنهن کانپوءِ عوامي ملڪيتن جي بازيابي لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هن صوبن ۽ سي ڊي اي کي ??داي?? ڪئي ته هو ان ڳالهه جو جائزو وٺن ته ماضي ۾ ڪيترا قبضا ٿيا ۽ ڪيترا خالي ڪرايا ويا، وزيرا??ظم چيو ته هو ان حوالي سان ذاتي طور تي 15 ڏينهن کانپوءِ اجلاسن جي صدارت ڪندو ته جيئن ان تي اڳڀرائي جو جائزو وٺي سگهجي. وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت عوام جي سامهون جوابده آهي ۽ سرڪاري زمين جي حفاظت ان جي اولين ترجيح آهي، قبضا مافيا کي ??نهن ڏيڻ لاءِ منظم حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، هن سي ڊي اي چيئرمين کي ??داي?? ڪئي ته پارڪن ۽ ٻيلن لاءِ مختلص قيمتي سرڪاري زمين کي ??بضي کان بچائڻ لاءِ خصوصي سيل جوڙيو وڃي.