نيويارڪ / اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي ??ڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل مهيني ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بيلجيئم کي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو اهم واپاري حصيدار سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وزيراعظم عم??ان خان جي ويزن جي ??وشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ??يجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ??رورت ت?? زور ڏنو. پرڏيهي وزير جي ??يس پي پلس اسٽيٽس جي ??والي سان پاڪستان جي ??مايت ت?? بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا پڻ م??يا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ پاڪستان سميت پوري خطي جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بح??ان جي خط??ي کي سامهون رکندي عالمي برادري کي گهرجي ??ه افغان عوام جي مدد جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ افغان عوام جي ??نساني ۽ معاشي مدد عالمي برادري پا??ان مثبت پيغام پهچائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي. بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز ڪابل مان بيلجيئم جي ??فارتي عملي جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پا??ان فراهم ڪيل خصوصي تعاون تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا پڻ م??يا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي ??ستحڪام ۽ علائقائي صورتحال جي ??والي سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.