اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾ عوام وزيراعظم عمران خان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ سڀ کا?? وڌيڪ سيٽن سان سر فهرست رهي، پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي جي طور تي اڀري سامهون آئي جنهن سمورن صوبن ۾ نمائندگي حاصل ڪئي آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي سڪڙجي علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آه??، بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) هڪ به سيٽ نه کٽي سگهي. سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جو پنجون نمبر رهيو، پيپلزپار??ي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ هڪ به سيٽ ??اصل نه ڪري سگهي.