اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي پنهنجي آرگنائيزيشن سان معاهدي تي عملداري جي لاءِ ميڊيا ٽربيونلز سان رجوع ڪرڻ جي حق ۽ فيڪ نيوز تي ڏنڊ جي شقن کانسواءِ تجويز ڪيل قانون ۾ هر تبديلي منظور آهي پر غريب ميڊيا ڪارڪنن کي قانوني دادرسي جو ح?? ڏيڻ اسان جو فرض آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فيڪ نيوز کي ڪيئن ميڊيا س??ٺ جو ح?? مڃي سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته اسان جي موجوده ميڊيا ماڊل ۾ عام ماڻهو?? غريب ميڊيا ڪارڪن ۽ پبلڪ انٽرسٽ ٽنهي جو تحفظ نه آهي، بليڪ ميلنگ کي پنهنجو ح?? قرار ڏيڻ ۽ اشتهار ڏيڻ رڳو پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي.