اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثمين سان ٽيليفونڪ رابطي تي ا??غا??ستان جي موجوده صورتحال تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ا??غا??ستان ۾ امن جي قيام لا??ِ پنهنجو تعميري ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لا??ِ پرعزم آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ا??غا?? اڳواڻ پنهنجي گڏيل اختلافن جي خاتمي ۽ جامع سياسي تصفيه لاءِ جاري ڳالهين مان فائدو کڻندا. شاه محمود قريشي چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي نه صرف ا??غا??ستان پر سڄي خطي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندي. هن چيو ته ضرورت ان ڳا??هه جي آهي ته ا??غا?? شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها ا??غا??ستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ ا??غا??ين کي معاشي معاونت جي فراهم لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته مسلم امت تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال ا??غا??ستان لاءِ ا??غا??ستان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته اسان ڪابل ۾ هڪ اهڙي وسيع بنيادن واري حڪومت جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي ا??غا??ستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪيترين ئي امن مخالف قوتن (اسپائيلرز) جي موجودگي جي خطري بابت به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪابل ۾ واپسيءَ جي منتظر مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي لا??ِ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت بابت به آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پرڏيهي وزير کي اڄ 22 آگسٽ تي جده ۾ ا??غا??ستان جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس بابت آگاهه ڪيو.