اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ اين سي او سي جي گائيڊ ل??ئينز تي عمل ڪندي حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي هڪ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو محور غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو هو. اين سي او سي جي 500 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري ??يغام ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اڄ اين سي او سي جي ڪوششن جي ڪري ??اڪستان ڪورونا جي چوٿين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان وٽ ڪورونا وائرس جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، اسان ڪورونا وبا جو به مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي معيشت کي به مضبوط ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهيا پئي. هن چيو ته ڪورونا جي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون اين سي او سي جي اڻٿڪ ڪ??ششن ۽ دلچسپي جي ڪري ??مڪن ٿيون آهن جنهن تي اين سي او سي جي پوري ??يم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.