اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سن?? ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 18 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 40 سيڪڙو، لاهور ۾ 20 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وا??ن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 26 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 ۽ گلگت ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 37 هزار 196 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سن?? ۾ 13 هزار 755، پنجاب ۾ 7 هزار 619، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 527، اسلام آباد ۾ 4 هزار 419، بلوچستان ۾ هڪ هزار 30، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 474 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 87 هزار 95 ٿي چڪو آهي. گگت