اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پاڪستان ۾ قائم فلسطيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ?? پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد اي رابي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ۾ گهري ڳڻتي آه??. هن غزه ۾ اسرائيل ??رف??ن مسلسل فضائي حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي حملن جي ڪري معصوم فلسطينن جون شهادتون واقع ٿيون آه?? جنهن تي پاڪستاني عوام انتهائي ڏکويل آه?? ۽ ان مشڪل وقت ۾ هو پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آه?? ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان مسجد الاقصيٰ جيڪا مسلمان جو قبله اول آه??، جي تقدس جي پائمال ڪرڻ ۽ معصوم عبادت گزارن تي ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل ظلمن جي خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ پنهنجي سمورن هم منصوبن کي خط جاري ڪيا آه??، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني جي بانين اسرائيل جي قيام کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو ۽ ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هن چيو ته موجوده ح??ومت پاڪستان جي بانين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ۽ ان ن تي عمل پيرا آه??.