اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جي سياسي حل جي ضرورت آهي، رشين فيڊريشن سا?? واپار، ريلوي، هوابازي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون. پاڪستان جي دوري تي آيل روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف وزيراعظم عمران خان سا?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ روس ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جون ۾ بشڪيڪ ۾ ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي صدر والادي مير پوٽن سا?? پنهنجي ملاقات جو ذڪرو ڪيو، جتي هن ٻه طرفي لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃڻ جي خواهش تي زور ڏنو هو. وزيراعظم هڪ اهم پرڏيهي پاليسي جي ترجيح جي طور تي روس سا?? پنهنجي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻه طرفي لاڳاپن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جنهن ۾ واپار، توانائي، سلامتي ۽ دفاع ۾ گِهرو تعاون شامل آهي. وزيراعظم ”پاڪستان اسٽريم“ (اتر ڏکڻ) گئس پائيپ لائين منصوبي جي لاءِ گهربل قانوني عمل کي تيزي سا?? مڪمل ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ توانائي، صنعتي جدت، ريلوي ۽ هوابازي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪي?? ويو ته هن سا?? جي آخر ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) ان ڏس ۾ مخصوص تجوي??ن ۽ منصوبن کي پيش ڪندي، ڪووڊ – 19 وبائي مرض جي ذريعي درپيش صحت ۽ معاشي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم روس کي ڪورونا ويڪسين ٺاهڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي منصوبن تي زور ڏنو، وزيراعظم افغان تڪرار جو ڳالهين سا?? سياسي حل جي اهميت تي زر ڏنو، ماسڪو ۾ تازي اجلاس جي ميزباني جي ذريعي پاڪستان افغان امن عمل کي فروغ ڏيڻ ۾ روس جي ڪوششن کي ساراهيو.