اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد مذهب، ثقافت ۽ گڏيل اعتماد تي قائم آهي، ملائيسيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي گذريل سال پاڪستان جي ڏهاڙ?? تي اچڻ ۽ پريڊ جي موقع?? تي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي دوستي جو مظهر آهي. ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملائيشيا جو ٻيو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن مضبوط لاڳاپن جو ع??اس آهي.