اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پرڏيه?? و??ير شاهه محمود قريشي جو ايران ۽ سعودي عرب جو دورو اختلافن جي پرامن حل ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارتي محاذ تي پاڪس??ان جي مخلصاڻي ڪوششن جو واضح ثبوت آهي، هي دورو علائقائي امن ۽ استحڪام کي سگهه ڏيندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلمان امت ۽ خطي ۾ امن جي مفاد لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ پاڪس??ان جي لاءِ اعزاز آهي، جنهن کي اسلامي ملڪ ۽ اولهه دنيا ساراهي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نيئن پاڪس??ان جو اهو روشن ڪردار آهي ۽ ان جي عالمي ت??خص کي ت??ديل ڪري رهيو آهي.